چنا راهي

چنـا، راهي: ناميارو اديب، مرحوم چنا راهي، 6 جنوري 1950ع تي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هيءُ ڇهن سالن جو ٻار هو ته سندس پيءَ گذاري ويو. پيءُ جي وفات بعد غربت سبب هُن ننڍپڻ ۾ چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا، تغاري کڻي مزدوري ڪئي ۽ جوهيءَ جي چوڪن تي بوٽ پالش ڪيا. ڏکن جي ڏوليءَ

۾ پليل هن شخص جي زندگيءَ ۾ پهرين تبديلي سندس ننڍپڻ دوست ڊاڪٽر عبيدالله عباسيءَ آندي، جنهن کيس اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اتساهه بخشيو، جنهنڪري هن تعليم جاري رکي ۽ سندس مدد سان 1971ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽٽيوٽ آف ڪيمسٽريءَ ۾ ليب اسسٽنٽ مقرر ٿيو. هيءُ هميشه پنهنجي ماءُ سان مخاطب ٿي لکندو هو ۽ کائنس دعائون طلب ڪندو هو. کيس پنهنجي اباڻي شهر جوهيءَ سان به ڏاڍو پيار هوندو هو. هُن گهر واريءَ جي وڇوڙي کان پوءِ سڀ شوق ڇڏي، يتيم اولاد جي مستقبل لاءِ پتوڙيو. هُن ’بزم ادب، دادو‘ پاران 1965ع ڌاري ٿيل هڪ مشاعري ۾ حصو ورتو. اتان ئي هن باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جوهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي باني ميمبرن مان هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهيءَ جو پهريون سيڪريٽري هو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ جو ٽي سال سيڪريٽري، ٻه سال خزانچي، ڏهه سال ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر ۽ ٻه سال ڪائونسلر به رهيو. آخري وقت ۾ بيمار هئڻ باوجود سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ نه هلي سگهڻ واري صورتحال ۾ به حاضر ٿيو. هيءُ هميشه چوندو هو ته، ” شاعري ڪرڻ ايڏو ڏکيو ڪم نه آهي، پر اصل ۾ شاعري کي صحيح آدرشي دڳ لائڻ ڏکيو ڪم آهي“.
هن 16 فيبروري 1997ع تي وفات ڪئي. پنهنجي حياتيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي پيرانديءَ ۾ دفنائڻ لاءِ وصيت ڪئي هئي، جيڪا پوري نه ٿي سگهي، ۽ کيس ريلوي اسٽيشن ڄام شوري واري قبرستان ۾ رکيو ويو. سندس ڊائري ۽ شاعريءَ تي مشتمل ٻه ڪتاب تاج جويي ترتيب ڏنا آهن، جيڪي اڃا ڇپجي نه سگهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.06  عيسوي

ناميارو اديب، مرحوم چنا راهي، 6 جنوري 1950ع تي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.


1997.02.16  عيسوي

هن 16 فيبروري 1997ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اندرا واسواڻي
حداد محمد علي
شهيد سومرو
شاهد احمد دهلوي
سلطان حيدر مرزا
شيرين فيروز نانا
رحيمداد مولائي شيدائي
حبيب سنائي
گرڌاري لال ڏوڏيجا
ليلارام رچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون